SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Doner Fatigue

(click word to listen sound
  • 🔊
  • doner
  • fətiːg
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Doner Fatigue

ڊونر فٽيگ

امداد جا عذاب

پرڏيهي امداد جي حوالي سان، هي اصطلاح عام طرح اُسريل مُلڪن طرفان امداد ملندڙ مُلڪن ۾ امدادي سرگرمين، دائرن ۽ مقصدن جي حوالي سان اُٿندڙ عوامي ناراضگي ءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان صورت ۾ اُسريل مُلڪن طرفان غريب ملڪن کي ڏنل امدادي سرگرمين جو ٻيهر تنقيدي جائزو وٺي، اُن کي آمريڪا طرفان يورپ کي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڏنل امداد وانگر بامقصد ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ اُپاءَ ۽ ساڳئي قسم جا معاشي ۽ سياسي نتيجا وٺڻ جي هدايت ڪئي وڃي ٿي، ان صورت ۾ امداد وٺندڙ مُلڪ جي حُڪومت نه رڳو امداد ۾ ٿيل گهوٻين کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پابند ٿي وڃي ٿي، پر ساڳي وقت امداد ڏيندڙ ملڪ جي مڪمل سياسي اطاعت کان به ٽهندي آهي. اُسرندڙ مُلڪن کان ملندڙ امداد جا شرط اِنهن مُلڪن ۾ 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ آيل معاشي بُحرانن کان پوءِ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سخت ٿي رهيا آهن. ”ٿڌي ويڙهه“ دوران هيءُ مسئلو وڌيڪ شديد ٿي ويو ۽ ڪن علائقن (خاص طور صحرائي آفريقا) ۾ سياسي ۽ معاشي متڀيد ۽ پرمار جي ڪري صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي آهي. ڪن عالمن جو خيال آهي ته قيامت خيز ملندڙ مالي مدد ملڻ ۽ ڏکيائي دراصل ڪن غريب قومن طرفان فقط ٻين تي ڀاڙڻ ۽ امداد جي آسري تي لڏو لاهڻ وارن روين جو علاج به ٿي سگهي ٿي


Remember Me Also:

صحرا

ذ. ع. واريءَ وارو ميدان ، ريگستان ، رڻ ، رڻپٽ ، ٿَرُ ، بيابان. سُڃ ، ويراني ، برپٽ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal